دلين ديپ جلايا

دلين ديپ جلايا

دلين ديپ جلايا

دلين ديپ جلايا (ڪتاب): شڪارپور جي مشهور اديب ۽ ڊرامانگار شبير ’ناز‘ چنا جو لکيل هي ڊرامو، ڪتابي صورت ۾، سنڌي ڊراما پبليڪيشن، پنج پير، شڪارپور پاران، مئي 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هي هن اداري جي پاڪيٽ سيريز جو ٻيو نمبر ڪتاب آهي، جنهن جو انتساب چنا شبير ناز انهن بي زبان ڇوڪرين جي نانءُ ڪيو آهي، جيڪي بيحس ۽ خود غرض والدين جي خوشين خاطر پنهنجون خوشيون پائمال ڪن ٿيون. هن ڊرامي جي ڪردارن ۾ محبوب علي (انسپيڪٽر انڪم ٽيڪسبانو (بيگم محبوب علي)، مجيب (محبوب عليءَ جو پٽ)، نجمه ۽ ساجده (محبوب عليءَ جون ڌيئرون). اهڙيءَ طرح محبوب عليءَ جي گهاٽي دوست فضل حسين ان جي بيگم ڪلثوم، پٽ طارق ڪمال ۽ نياڻين: ياسمين، نسرين سان گڏ بدمعاش گروهه جي ليڊر سعيد ۽ ان جو ساٿي جمشيد وغيره شامل آهن. هي ڊرامو سماجي مسئلن تي لکيل آهي. 127 صفحن تي مشتمل هن ڪتابڙي جي قيمت ڏيڍ روپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو